حڪيم محمد حسن قريشي

حڪيم، محمد حسن قريشي: ناليواري حڪيم محمد حسن قريشيءَ 1896ع ڌاري گجرات ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم گجرات مان وٺڻ بعد حڪمت جي تعليم لاهور ۽ دهليءَ مان حاصل ڪيائين. طبيه ڪاليج ۾ پـڙهـائڻ سان گڏ حـڪـمت به ڪـندو رهيو. 1920ع ڌاري واپس لاهور ۾ اچي رهيو. حڪمت جي حلقي ۾ وڏي مڃتا حاصل هئي. ان دوران هن پنجاب ۾ طبي ڪانفرنس جي ٻن جلسن جي صدارت ڪئي. 1946ع ۾ هـندستان حـڪـومت کيس طبي ڪميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو. ان کان سواءِ طبيه ڪاليج اولڊ بواءِ ايسوسيئيشن جو صدر، پنجاب طبي بورڊ جو مـيـمـبر،
طبيه ڪـاليج دهليءَ جو ٽرسٽي، طبيه ڪاليج مسلم عليڳـڙهه جـي مـجـلـس انتظاميه جـو مـيـمبر، طبـيه ڪـاليج ڪميٽيءَ لاهور جو صـدر، انـجـمـن حـمـايـت اسـلام جـو نـائب صدر، آل پاڪستان آريو ويدڪ يـونـاني طـبـي ڪانفرنس جو صدر ۽ 1958ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان طبي بورڊ جو صدر رهيو. جـڏهن ته حڪومت پاڪستان کيس سائنسي صنعتي ڪائونسل جي طرفان ادويات ڪميٽيءَ جو ميمبر، طبيه ڪاليج لاهـور جـو پـرنـسپـل ۽ 1965ع ۾ حـڪـومت پاڪستان طـبي بورڊ جو صدر مـقـرر ڪيـو. هـيءُ حڪيم سان گڏ بهترين ڪهاڻيڪار به هـو. سندس شمار لاڙڪـاڻي جي سينئر ڪهاڻيڪارن ۾ ٿـيـندو هو. سـنـدس گھر واري نسيم اختر گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال رهي. حڪيم محمد حسن حڪمت تي ڪيترائي ڪتاب لکيا. جن ۾: (1) ’طبي فارماڪوپيا‘، (2) ’ملڪ مرواريد‘، (3) ’بياض خاص‘، (4) ’بياض مسيحا‘، (5) ’دستور الاطباء‘، (6) ’رموز طب‘، (7) ’تذڪره الاطباء‘ ۽ (8) ’مسيح الملڪ‘ قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو